SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Anglo-Burmese Wars

(click word to listen sound
  • 🔊
  • anglo
  • burmese
  • wɔːz
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Anglo-Burmese Wars

اينگلو-برميز وارس

انگريز برمائي لڙائيون

برطانيا ۽ برما جي وچ ۾ ٿيل ٽن لڙائين کي انگريز برمائي لڙائيون چيو وڃي ٿو. ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ پهرين ۽ برطانيائي هندستان جي تاريخ جي تمام وڏي جنگ 5 مارچ 1824ع ۾ لڳي، ڇاڪاڻ ته برما جي بادشاهه برطانيائي هندوستان جي علائقي ”شاهپوري“ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جنگ ۾ برطانيائي جنرل ’سرڪيمبل‘ جي اڳواڻيءَ هيٺ برطانيا برما جي گاديءَ، رنگون تي قبضو ڪري ورتو. هيءَ جنگ ’ياندابو جي ٺاهه‘ تحت ختم ٿي. هن جنگ ۾ آسام، مني پور ۽ ٻيا علائقا برطانيا جي ماتحت اچڻ کانسواءِ، کيس برما طرفان هڪ ملين پائونڊ جنگ جو تاوڻ به ادا ڪيو ويو. برما ۽ برطانيا درميان ٻي جنگ 1852ع ۾ لڳي، جنهن ۾ برطانيائي فوجن ڏاکڻي برما جي علائقي ”پيگو“ تي قبضو ڪري ورتو. اڳتي هلي بنگال ۽ برما جي سرحدن تي 1885ع ڌاري به ٻنهي مُلڪن وچ ۾ هڪ ويڙهه ٿي. ان جنگ ۾ هارائڻ کانپوءِ برما اڻ سڌيءَ طرح علائقي ۾ برطانيا جي مٿڀرائي مڃي ورتي.اڄڪلهه برما جو سرڪاري نالو ’ميانمار‘ آهي، ۽ ان جي فوجي حڪومت خلاف چوٿائي صديءَ کان جمهوريت لاءِ تحريڪ هلندڙ آهي


Remember Me Also:

کونسائتو

ذ . صفت. کونس ڪندڙ ، ڇيڙ ڪندڙ ، بدخواهه ، عداوتي ، مٺگهرو ، ظرف. خارن وچان ، عڪسان عڪسي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal